دادو ضلعو جاگرافيءَ ۽ تاريخ جي آئيني ۾

دادو ضلعو جاگرافيءَ ۽ تاريخ جي آئيني ۾

دادو ضلعو جاگرافيءَ ۽ تاريخ جي آئيني ۾

دادو ضلعو، جاگرافيءَ ۽ تاريخ جي آئيني ۾ (ڪتاب): هيءُ ننڍڙو ڪتابڙو نامور اديب ۽ ليکڪ تاج صحرائيءَ جو لکيل آهي، جنهن ۾ ڀاڱي ٻئي طور کيرٿر جبل- گورگ جي چوٽيءَ متعلق ڄاڻ ڏني وئي آهي. هن ڪتابڙي جي پهرئين صفحي تي کيرٿر جبل جي قطارن جو نقشو ڏنل آهي. ان سميت گورک جي هنج ۾ پليل تهذيب، اتي جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، تهذيبي ۽ تاريخي نشانن بابت به معلومات ڏني وئي آهي. ڪتاب ۾ دادو ضلعي ۾ موجود گورک جي پهاڙي سلسلي سان لاڳاپيل 39 ماڳن جي فهرست جاءِ وقوع، ماڳ جو دؤر ۽ ان کي ڳولي لهندڙ قديم آثارن جي ماهر جي ڄاڻ ڏني وئي آهي.
ڪتاب جي وچ واري صفحي تي تاريخ کان اڳ ۾، سنڌ ۾ موجود قديم ماڳن جو پورو وچور نقشي جي صورت ۾ موجود رکيو ويو آهي. ان کان سواءِ گورک تي واقع جابلو لڪن، ان جي مختلف چوٽين، اهم هنڌن، جھنگلي جيوت ۽ خاص ڏڻن جي سرسري طور جامع ڄاڻ ڏيڻ سميت شهزادي گوهر هيري- سام ٽيـهـن سـالـن واري جـنگ جـو بـه تـذڪـرو آهـي. 42 صفحن تي مشتمل، ڪرائون سائيز جي هن ڪتابڙي جي قيمت 10 روپيا آهي. هيءُ ڪتابڙو سنڌ ايجيوڪيشن ٽرسٽ، حيدرآباد پاران 1997ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو